اسڪردو – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه گلگت بلتستان جي پائيدار ترقي لا??ِ معياري تعليم ۽ هنرمندي افرادي قوت اڻٽر آهي، پيشيوراڻي تربيت حاصل ڪرڻ سمورن شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين لا??ِ اهم آهي، شاگرد ڊجيٽل مهارت ۽ فري لانسنگ جي تربيت سان مالي خودمختياري جي خواب کي شرمنده تعبير ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽيي آف بلتستان جي پنجين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر ڪامياب ٿيندڙ شاگردن، والدين ۽ استادن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي روشن مستقبل لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لا??ِ گلگت بلتستان جي قدرتي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ لا??ِ باصلاحيت ۽ هنرمندي افرادي قوت جي ضرورت آهي، صرف هنرمند افرادي قوت جي ذريعي ئي معاشي انقلاب آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته مارڪيٽ کي تربيت يافته پروفيشنل خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ هنرمند ماڻهن جي ضرروت آهي، 2030ع تائين دنيا کي سابئر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ 8 ڪروڙ ماهرن جي ضرورت هوندي، هن چيو ته 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام جي گهرج ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي يونيورسٽين کي ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري نوجوانن خاص طور تي عورتن لا??ِ عالمي مارڪيٽ جا دروازا کلي ويا آهن، نوجوانن سميت عورتون گهر ويٺي آن لا??ين روزگار ڪمائي سگهن ٿيون، صدر چيو ته اسلام ۾ عورتن جي ڪاروبار ڪرڻ تي ڪابه پابندي نه آهي، ان لا??ِ عورتن شاگردن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل اسڪلز تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جنهن سان هو پنهنجي گهر ۾ رهي ??ساني سان باعزت روزگار ڪمائي سگهن ٿيون، هن شاگردن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ڪميونيڪيشن اسڪلز کي بهتر ڪن ته جئين هو ڊجيٽل ۽ آن لا??ين پليٽ فارمز جي ذريعي موثر مارڪيٽنگ ڪري سگهن، هن چيو ته موسمياتي تبديلي خطي جي مستقبل لا??ِ وڏو خطرو آهي ??ن لا??ِ يونيورسٽين کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لا??ِ تحقيق کي فروغ ڏ??ڻ جي ضرورت آهي، ماحول جي تحفظ ۽ ماحول دوست طريقن تي عملل ڪري موسيماتي تبديلي جي بحران ۽ عالمي حدت کي منهن ڏيڻ لا??ِ ڪوششن جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گلگت بلتستان ۾ اچي سدائين خوشي ٿيندي آهي،هن علائقي وانگر هتي جا ماڻهو به خوبصورت آهن جيڪي ملڪي ترقي، استحڪام ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن، هن چيو ته شاگردن کي سخت محنت ڪري تعليم حاصلڪ ئي آهي ??يڪا انهن لا??ِ الله جي رحمت آهي، هن شآگردن تي زور ڏنو ته هو پنهنجا دماغ کليا رکن ۽ سڄي زندگي تعليم حاصل ڪرڻ جاري رکن. صدر مختلف شعبن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ميڊلز به ورهايا.