عمران خان اڄ تائين پنهنجي خلاف ٻاهرئين سازش جو ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو: وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي پريس ڪانفرنس

image

اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خ??ن اڄ تائين پنهنجي خلاف ٻاهرئين سازش جو ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، عمران خ??ن بحيثيت وزيراعظم نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پريس ريليز جي پاڻ توثيق ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته ڪا ٻاهرئين سازش ناهي ٿي، ان وقت انهن ثبوت ڇو پيش نه ڪيا، ان وقت جوڊيشل ڪميشن جو مطالبو ڇو نه ڪيو ويو، انهن جي راءِ ۽ ڪوڙي بيانيي سان حڪومت ۽ رياست پنهنجو آفيشل بيانيو نه ٿي بدلائي سگهي، عمران خ??ن پنهنجي غلط ۽ ڪوڙي بيانيي سان ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي، انهن جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن، گذريل حڪومت جي سمورن اسڪينڊلز ۾ عمران خ??ن، سندس گهرواريءَ ۽ فرح گوگي جا نالا واضح آهن. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت جي نالائقي، نااهلي، چوري، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جي ڪري پاڪستان جي عوام اڄ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهي آهي، جن ڪمزور بنيادن تي نالائقن ۽ نااهلن آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحون ڪيون ان جي ڪري ملڪ ۾ اڄ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته موجوده اتحادي حڪومت ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي عوام کي مهانگائي جي بار کان بچائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان گذريل چار سالن دوران توانائي سميت ٻين رڪيل منصوبن کي ٻيهر بحا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هي اهي منصوبا آهن جيڪي 2018ع ۾ ش روع ٿي چڪا هئا پر گذريل چئن سالن دوران نااهل ۽ ڪرپٽ ٽولي انهن تي ڪو ڪم نه ڪيو، انهن جي نيت منصوبن تي ڪم ڪرڻ نه پر ملڪ مان ڦرلٽ ڪرڻ هئي، ڦرلٽ سان عمران خ??ن ۽ فرح گوگي جي اثاثن ۾ اضافو ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خ??ن فارن فنڊنگ ڪئي، چندي جي پئسي جي مني لانڊرنگ ڪئي ۽ پنهنجي اڪائونٽس کي ڊڪليئر نه ڪيو، جڏهن اسٽيٽ بئنڪ اليڪشن ڪميشن ۾ انهن جي اڪائونٽس کي ڊڪليئر ڪيو ته انهن اليڪشن ڪميشن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فرح گوگي عمران خ??ن جي فرنٽ مين هئي جنهن پنجاب ۾ ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ ڪئي، جڏهن فرح گوگي جي خلاف ڳالهه ڪريو ته عمران خ??ن تڙپڻ شروع ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته گذريل چار سال بني گالا حقيقت ۾ مني گالا بڻيل هو، عمران خ??ن جي فرنٽ مين پرسنز ان جي حڪمن تي عمل ڪندي ملڪ ۽ عوام جو پئسو ڦريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خ??ن جا ترجمان چئي رهيا آهن ته انهن کي بي اعتمادي رٿ جي اڳ ۾ ئي خبر هئي، هڪ موصوف چيو ته بي اعتمادي رٿ جي خبر هئي ته اسان معيشت جي بارودي سرنگهون وڇايون. هن چيو ته هڪ طرف اهو چئي رهيا آهن ته ٻاهرئين سازش ٿي آهي ۽ ٻئي طرف اهو چئي رهيا آهن ته بي اعتمادي جي اسان کي اڳ ۾ ئي خبر هئي، اهي پنهنجي ڪوڙي بيانيي جي ترتيب ته ٺيڪ ڪري وٺن. مريم اورنگزيب چيو ته 8 مارچ جي خط کانپوءِ انهن ڊونلڊ لو کي اهم مقرر طور تي ڇو گهرايو، جيڪڏهن اهي سازش ڪري رهيا هئا انهن کي ڇو گهرايو ويو، 8 مارچ کان 28 مارچ تائين عمران خ??ن ڇو خاموش رهيو؟ عمران خ??ن جا ترجمان اسد عمر ۽ شيرين مزاري عمران خ??ن جون هدايتون وٺي چينلز تي ظاهر ٿيا، اهي ٽاڪنگ پوائنٽس ۽ گائيڊ لائينز وٺي آيا هئا. هن چيو ته جڏهن انهن جي ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون آيا ته هي اهڙي قسم جا بيان ڏيڻ لڳي وڃن ٿا. هن چيو ته جڏهن نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پهرين ميٽنگ ٿي ته ان وقت عمران خ??ن وزيراعظم هاو ۽ هن ميٽنگ چير ڪئي، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پريس ريليز جي توثيق به عمران خ??ن ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته ڪا سازش ناهي ٿي. جيڪڏهن ٻاهرئين سازش جو بيانيو اصل بيانيو هو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پريس ريليز جي توثيق ڇو ڪئي وئي. هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جا سمورا ميمبر ميٽنگ ۾ موجود هئا، انهن پريس ريليز ڪڍي جنهن جي عمران خ??ن توثيق ڪئي، اها راءِ نه هئي اهو پاڪستان جو بيانيو هو، جيڪڏهن انهن کي ان سان اختلاف هو ۽ ٻاهرئين ملڪ سازش جا ثبوت موجود هئا ته توهان پيش ڪريو ها، توهان جي راءِ ۽ ڪوڙي بيانيي سان حڪومت ۽ رياست پنهنجو آفيشل بيانيو نه ٿي بدلائي سگهي. هن چيو ته عمران خ??ن پنهنجي ترجمانن کي موڪلي پنهنجي ڪوڙي سياسي بيانيي سان ادارن تي حمل?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران خ??ن جي چوري ۽ ڦرلٽ پڪڙي پئي وڃي، هن ملڪي مفاد ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪيو، جڏهن به انهن جو ڪو اسڪينڊل اچي ٿو ته اهي اداري تي حملا ڪن ٿا، جڏهن انهن جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي هئي ته انهن کيسي مان پرچيءَ ڪڍي ۽ چيو ته ٻاهرئين سازش ٿي رهي آهي. هن چيو ته عمران خ??ن هاڻي ٻاهرئين سازش تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو مطالب?? ڪري رهيو آهي، هن نيشنل سيڪيورٽي مڪيٽي جي ميٽنگ ۾ ان جو مطالبو ڇو نه ڪيو هو؟ ان وقت هو وزيراعظم هو، هن ڪميٽي ۾ ثبوت ڇو پيش نه ڪيا جنهن سان ٻاهرئين سازش بي نقاب ٿئي ها. هن چيو ته هن پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين سازش جو بيانيو اختيار ڪيو، انهن کي خبر هئي ته انهن جي چار سالن جي نالائقي، چوري، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ به نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سمورين انٽيليجنس ايجنسين، هٿياربند فوج جي قيادت موجود هئي، ان اجلاس جي جيڪا پريس ريليز جاري ٿي ان ۾ به چيو ويو ته ڪنهن به قسم جي ڪا سازش ناهي ٿي. هن چيو ته عمران خ??ن اڄ تائين ڪي ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ به عمران خ??ن جي بيانيي جي ترديد ڪئي، عمران خ??ن سياسي بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس سياسي بيانيو ڪوڙ تي ٻڌل هو ان لاءِ اهو پنهنجي موت پاڻ مري ويو. هن چيو ته عمران خ??ن ان کانپوءِ زندگي کي خطري جو بيانيو ٺاهيو، ان کانپوءِ هاڻي مهانگائي تي بيانيو ٺاهي رهيو آهي جيڪا انهن جي ڏنل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر سموري هٿياربند فوج جي نمائندگي ڪري ٿو، هن سازش جي بيانيي تي واضح بيان ڏنو، ادارن آئيني پوزيشن کي اختيار ڪيو جيڪو عمران خ??ن کي پسند نه آهي. هن چيو ته سياسي قيادت ۽ هٿياربند فوج نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اندر هڪ ئي بيانيو ڏنو ته ڪا سازش ناهي ٿي، عمران خ??ن جڏهن وزيراعظم هو ان وقت به اهو ئي بيانيو هو ۽ جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ پڻ اهو ئي بيانيو هو ته ڪا سازش ناهي ٿي. هن چيو ته عمران خ??ن پنهنجي چئن سالن دوران سياسي مخالفن تي ڪرپشن جا ڪوڙا الزام هنيا ۽ جڏهن عدالتن ۾ ثبوت ڏيڻ جو وقت آيو ته اهي ڀڄي ويا. انهن ڪيترائي ريفرنسز موڪليا پر ڪنهن به ڪيس ۾ ثبوت نه ڏنا. هن چيو ته شهباز شيف جي لاهور هاءِ ڪورٽ مان جڏهن ضمانت ٿي ته عمران خ??ن جي هدايت تي نعيم بخاري ان جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي جڏهن سپريم ڪورٽ ثبوت گهريا ته انهن درخواست ئي واپس وٺي ڇڏي. هن چيو ته هن وقت سمورا ادارا آئيني دائري جي اندر ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو عمران خ??ن کي پسند نه آهي. هن چيو ته عمران خ??ن جي ڪرپشن جو گند عوام آڏو اچي رهيو آهي، انهن ملڪي مفاد تي ڌاڙو هنيو ۽ ڦرلٽ ڪئي. هن چيو ته عمران خ??ن ملڪ رياض ۽ سندس فيملي ۽ نيشنل ڪرائم ايجنسي جي وچ ۾ 50 ارب رپين جي ڊيل ۾ ٽپڪي پيو ڇو ته هن کي ڪميشن وٺڻي هئي. هن چيو ته پنهنجي ڪميشن وٺڻ جي لاءِ عمران خ??ن غليظ ڪم ڪيو. جنهن منصوبي جي جاچ ڪريو ان ۾ عمران خ??ن جا فرنٽ پرسنز ظاهر ٿين ٿا، هر اسڪينڊل ۾ عمران خ??ن، سندس گهرواريءَ، فرح گوگي، شهزاد اڪبر جو نالو ملندو. هن چيو ته عمران خ??ن جي خلاف جڏهن به ڪو اسڪينڊل اچي ٿو ته هي ادارن تي حمل?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته عمران خ??ن 25 مئي تي عدليه جي حڪمن جي توهين ڪئي، سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته عمران خ??ن ايڇ نائين ۾ جلس?? ڪري ۽ واپس وڃي پر هن اتي پهچي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ڊي چوڪ وڃڻ جو اعلان ڪيو، انهن وٽ ايترا ماڻهو به نه هئا جو اهي ايڇ نائين ۾ جلسيءَ تائين ڪري سگهن، اسان انهن کي مانيٽر ڪري رهيا هئاسين. هن چيو ته عمران خ??ن 25 مئي جو ڀڳوڙو آهي، پنهنجي ماڻهن کي ڊي چوڪ گهرائي هو پاڻ اتان ڀڄي ويو. هن چيو ته هڪ طرف عمران خ??ن عدليه جي فيصلن جي توهين ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف چوي ٿو ته عدليه اسان کي ريليف ڏي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خ??ن جو بيانيو پنهنجي موت پاڻ مري چڪو آهي، انهن جا اعمال ناما، ڪرتوت ۽ ڪرپشن جا اسڪينڊل پاڪستان جي عوام کي خبر پئجي وئي آهي جنهن جي پڪڙ ۾ اهي سڀ ماڻهو اچڻ وارا آهن. هن چيو ته عمران خ??ن پنهنجي گهٽيا ۽ ڪوڙي سياست جي بيانيي ۾ ادارن کي گهلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. عمران خ??ن چوي ٿو ته پاڪستان جي انٽيليجنسي ايجنسين کي خبر ئي نه هئي ته ملڪ جي خلاف سازش ٿي رهي آهي، اصل ۾ اهڙو بيانيو ان جي پنهنجي دماغ جي سازش آهي. عمران خ??ن ملڪ جي خلاف سازش ڪئي، مليڪ معيشت کي ڪمزور ڪيو، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ڪمزور ڪئي، ڪو اهڙو شعبو نه آهي جيڪو انهن ڪمزور نه ڪيو هجي. اهي ڪشمير فروش آهن، انهن ملڪ جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو، غريب عوام کي وڌيڪ غريب ڪيو، ملڪ جي اندر انتشار ۽ انارڪي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته جڏهن انهن کي خبر پئي ته انهن جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ واري آهي ته انهن معيشت جي راهه ۾ بارودي سرنگهون وڇايون، آءِ ايم ايف سان ڪمزور معاهدا ڪيا، پاڪستان جي عوام جي قسمت کي آءِ ايم ايف معاهدي جي ور چاڙهي ڇڏيو. هن چيو ته اڄ جيڪي ڪرائي جا ترجمان عمران خ??ن کان ڊائريڪشن وٺي اچن ٿا اهي سڀ رد ٿيل ماڻهو آهن، عمران خ??ن پاڻ انهن کي وزارتن مان ڪڍيو، دوائن، پيٽرول، اٽي ۽ کنڊ اسڪينڊلز تي انهن جا وزي فارغ ٿيا. هن چيو ته انهن جي خلاف انهن جون ڪهاڻيون ۽ داستان جڏهن سامهون اچي رهيا آهن ته اهي ڊائريڪشن وٺي اچن ٿا، انهن پاڪستان جي عوام کي بيروزگاري ۽ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهيو، اسان انهن جو گند صاف ڪري رهيا آهيون، اسان ملڪ کي معاشي استحڪام طرف وٺي وينداسين، اهي مشڪل فيصلا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عوام جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مشڪل حالتن ۽ آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود عوام دوست، آءِ ٽي دوست ۽ زراعت دوست بجيٽ پيش ڪئي ته جيئن پاڪستان جي نوجوانن کي موقعا ملن، وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ۽ واپار ٿئي، اهو ئي هڪ طريقو آهي جنهن سان پاڪستان جي معيشت صحيح ٿيندي. هن چيو ته عمران خ??ن آڪٽوبر 2023ع تائين انتظار ڪري، جنهن عوام کي عمران خ??ن معاشي مشڪلاتن جو شڪار ڪيو، دوائن تي پئسا ڪمايا، وڻن مان پئسا ڪمايا، عوام جي خزاني کي ڦريو، ملڪي مفاد کي وڪرو ڪيو، انهن سڀني جو حساب آڪٽوبر 2023ع ۾ ٿيندو. هڪ س??ال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته رياست پاڪستان جا جا سمورا ادارا آئيني حدن ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، اها عمران خ??ن جي رڳو سوچ آهي ته هو ڪنهن کي ڊڪٽيشن ڏئي سگهندو. هن چيو ته اسان ملڪ کي ترقي طرف وٺي وينداسين، ت??قي جو سفر 2018ع ۾ جتي ختم ٿيو هو ان کي ٻيهر بحال ڪيو آهي. هڪ ٻئي س??ال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف ٽوئيٽ ۾ پنهنجو تجزيو شيئر ڪيو آهي، ان جي خلاف ڪيسز ٺهيا، اقاما ٺهيا، پاناما کان ڪهاڻي شروع ٿي، ڪلثوم نواز جو لاڏاڻو ٿيو، ان جي والده فوت ٿي، نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز سان گڏ جيل ۾ هو، ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جي خبر ان کي جيل ۾ ملي، ان کانپوءِ ٻيهر مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو، انهن ملڪي مفاد جي لاءِ قرباني ڏني. هن چيو ته انهي ڏس ۾ نواز شريف بيان ڏنو آهي ته مشرف سان سندس ڪا ذاتي دشمني نه آهي، ان جو بيان اعليٰ ظرفي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خ??ن آئين تي حمل?? ڪري چڪو آهي، سپريم ڪورٽ رات جو ان جي لاءِ کلي هئي ته آئين شڪني ٿي رهي هئي، جيڪو شخص آئين شڪني ڪري سگهي ٿو اهو آئين جي خلاف ورزي به ڪري سگهي ٿو. عمران خ??ن جي دماغ ۾ اها ڳالهه آهي ته ادارن تي حملو ڪندا ته ڪرپشن جو بيانيو ختم ٿي ويندو، ميڊيا جو ڌيان ان طرف هوندو. هڪ س??ال تي هن چيو ته ڪابينا ۾ سمورين اتحادي پارٽين جي نمائندگي موجود آهي، ڪابينا جي هر فيصلي تي سمورين پارٽين جو ٺپو هوندو آهي، گڏيل فيصلا ٿيندا آهن. ملڪي تاريخ ۾ هي پهريون موقعو آهي جڏهن وفاق جي سمورين اڪائين جي نمائندگي وفاقي ڪابينا ۾ موجود آهي. هن چيو ته ڪابينا ۾ شامل سموريون اتحادي پارٽيون پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏيڻ چاهين ٿيون. هڪ س??ال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خ??ن آئين شڪني ڪئي جنهن تي سپريم ڪورٽ مان 5 – 0 جو فيصلو آيو جنهن تحت ان قرارداد کي به واپس ورتو ويو جيڪا ڊپٽي اسپيڪر ايوان ۾ پيش ڪئي. هن چيو ته عمران خ??ن اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کان آئين شڪني ڪرائي، پاڻ به آئين شڪني ڪئي، جڏهن کيس لڳو ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي آهي ته هن اسميبليون تحليل ڪري ڇڏيون. هن چيو ته جنهن وقت عمران خ??ن وزيراعظم هو ۽ کيس خبر هئي ته بي اعتمادي رٿ اچي رهي آهي ته هو اسميبليون تحليل ڪري عوام وٽ هليو وڃي ها پر هو اقتدار سان چنبڙيل رهيو، جڏهن ان جا اتحادي ۽ ان جا پنهنجي ميمبر انهن کي ڇڏي ويا، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ لڳي ۽ عمران خ??ن کي لڳو ته هاڻي هو وزيراعظم جو ووٽ نه ٿو وٺي سگهي ته هن ان وقت اسميبليون تحليل ڪري ڇڏيون، ان وقت نه آئين هو، نه پارليامينٽ نظر آئي، اقتدار جي بک ۾ اهي انڌا ٿي چڪا هئا، اهي ڪرسيءَ کان جدا ٿيڻ نه چاهيندا هئا. ان ڪرسيءَ تي انهن ڪرپشن ڪئي، پاڪستان جي عوام جو پئسو ڦريو، اها ڪرسيءَ ڇڏڻ انهن جي لاءِ تمام مشڪل هو. هن چيو ته عمران خ??ن کي هاڻي اهو تماشو بند ڪرڻ گهرجي، هو آڪٽوبر 2023ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي هٿان رد ٿيڻ جو انتظار ڪري. هڪ س??ال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته توانائي جي بچت جي حوالي سان پيٽروليم ۽ بجلي بابت مڪمل پروگرام ڪابينا ۾ پيش ٿيندو جنهن جي منظوري ڏني ويندي. هن چيو ته ان حوالي سان مختلف تجويزون آهن، انهن کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. هن چيو ته توانائي ۽ پاڻي جي بچت بابت اطلاعات واري وزارت ۾ آگاهي پروگرام تيار ٿي رهيو آهي. هڪ س??ال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خ??ن کي اهڙي ذهني بيماري لڳل آهي جنهن جو ازالو نه ٿو ٿي سگهي، ان جو علاج ضروري آهي، عمران خ??ن جي ذات ضد، انا ۽ تڪبر ۾ جڪڙيل آهي. هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پڌرنامي جي توثيق عمران خ??ن ڪئي، ان کي ان تي اعتراض هو ته ان وقت هڻي ها، اها راءِ نه اهو آفيشل بيانيو هوندو آهي. هڪ ٻئي س??ال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خ??ن جو بيانيو جيڪڏهن مضبوط هجي ها ته هو ائين رڙيون نه ڪندو وتي ها، انهن جي ڪارڪردگي هجي ها ته اهو طاقتور بيانيو هجي ها، هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏنا هجن ها ته اڄ اهي خاندان به ان سان گڏ بيٺل هجن ها، ڪوڙو بيانيو وقتي هوندو آهي. هن چيو ته انهن جي ڪارڪردگي به ڪوڙ، انهن جي حڪمت عملي به ڪوڙ ۽ انهن جو بيانيو به ڪوڙ آهي.

مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس