اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪئناڊا سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي ??روغ جو خواهشمند آهي، ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي ??اءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي ??اءِ ڪمشنر وينڊي گلور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيرا??ظم سان هتي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ??چ ۾ دوستي ۽ خيرسگالي تي ٻڌل ڊگهي مدي واري حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته ڪئناڊا جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جو فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي ??اءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ميرڪ گولڊ جلد منصوبي تي ڪم شروع ڪندي. وزيرا??ظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران کان بچڻ جي ??اءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي ??عاملي تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد جي ??اءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي وزيرا??ظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي ان مسئلي جي ??رامن حل جي ??اءِ قدم کڻي. وزيرا??ظم شهباز شريف ڪئناڊا جي ??اءِ ڪمشنر کي يوڪرين جي عوام جي ??اءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان مان موڪليل امدادي سامان کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ??چ ۾ عوام جي سطح تي رابطي ۽ اعليٰ سط??ي دورا وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ گهرجي. ڪئناڊا جي ??اءِ ڪمشنر چيو ته ڪئناڊا جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ ڪئناڊا ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ تعاون ۽ خاص طور تي ڪئناڊا جي شهرين جي انخلا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. وزيرا??ظم ڪئناڊا جي ??م منصب جسٽن ٽروڊو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ان دوري سان پاڪستان ۽ ڪئناڊا جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا.