اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي اسڪيل ريگيولرائيزيشن جو مسئلو تمام پراڻو آهي، اهو رڳو اي پي پي جو مسئلو نه آهي پر سمورين ??ارپوريشنز جو آهي، ان تي حڪومت پاليسي تحت فيصلو ڪندي. وفاقي وزيرن سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اي پي پي ملازمن جي احتجاج جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اي پي پي ملازمن جي پي اسڪيل ريگيولرائيزيشن جو مسئلو تمام پراڻو آهي، اهو رڳو اي پي پي جو مسئلو نه آهي پر سمورين ??ارپوريشنز جو آهي، ان تي حڪومت پاليسي تحت فيصلو ڪندي. هن چيو ته اي پي پي ملازمن جي ڊسپيريٽي الائونسز جي مسئلي تي اطلاعات واري سيڪ??يٽ??ي هن وقت ناڻي واري سيڪ??يٽ??ي وٽ موجود آهي، جيئن ئي نوٽيفڪيشن ٿيندو اطلاعات واري سيڪ??يٽ??ي احتجاجي ملازمن وٽ ويندي ۽ اعلان ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي پي ملازمن جي ڊي پي سي جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي، ان تي فوري عملدرآمد ڪرايو وي??دو. هن چيو ته اي پي پي ۾ پلاٽس جي ڪوٽا سسٽم ت?? پاليسي موجب فيصلو ٿي??دو.