وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڻي وسيلن ۽ منصوبابندي ڊويزن بابت اجلاس

image
APP59-26 ISLAMABAD: September 26 - Prime Minister Imran Khan chairing a briefing on Ministry of Water Resources at PM Office. APP

اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڻي وسيلن ۽ منصوبابندي ڊويزن واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي هم آهنگي ذريعي سمورن وڏن شهرن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي پاڻي اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس منصوبو جوڙيو وڃي، وزيراعظم راولپنڊي، اسلام آباد جي لاءِ واٽر سپلاءِ جي اسڪيم پڻ فوري طور تي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن اها هدايت وزيراعظم آفيس ۾ پاڻي وسيلن واري وزارت پاران بريفنگ جي لاءِ ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ