اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪلنڪر ڍنڍ عمرڪوٽ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي ??اق??ي تي گهري افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ۽ پو??ئي??ن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي حفاظتي انتظام بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.