اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب فنڪارن جي لاءِ هي??ٿ انشورنس رجسٽريشن فارم جاري ڪندي چيو آهي ته حڪومت صحافين وانگر فنڪارن جي لاءِ پڻ هي??ٿ انشورنس پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جلد پاڻ فنڪارن کي هي??ٿ ڪارڊ ڏيندو. هو فنڪارن جي لاءِ هي??ٿ انشورنس رجسٽريشن فارم جاري ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. هن ??يو ته 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي هي??ٿ انشورنس پروگرام جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. صحافين جي لاءِ ان کان اڳ ويلفيئر فنڊ هو پر موجوده حڪومت هي??ٿ انشورنس جو پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي. هن ??يو ته فنڪارن سدائين پاڪستان جي ثقافت، تهذيب ۽ ادبي ورثي کي فروغ ڏنو، جهڙي طرح ڪلچر اسان جو ورثو آهي، اهڙي طرح فنڪار به اسان جو ورثو آهن. هن ??يو ته صحافين وانگر فنڪارن جي لاءِ پڻ هي??ٿ انشورنس پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. فنڪار بي وسي جي حالت ۾ پڻ ڪنهن ??ي شڪايت نه ڪري سگهندا هئا، فنڪارن کي صحت جي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ آرٽسٽ هي??ٿ انشورنس پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. www.demp.gov.pk تي فنڪار پنهنجو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪن. هن ??يو ته صحت جي سهولتن تائين پهچ هڪ طريقيڪار ذريعي ٿي سگهندي، فنڪارن کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج جي سهولت ملي سگهندي. هن ??يو ته وزيراعظم محرم الحرام کانپوءِ ان پروگرام کي باقاعده جاري ڪندو، ان کان اڳ سمورا فنڪار پنهنجي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ڪري وٺن. هن ان پروگرام کي مڪمل ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪندڙن جا ٿورا م??يا.