اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته پاڪستان گلوبل وارمنگ ۾ ٽرانسپو??ٽ جي مقدار کي نظر ۾ رکندي ان جي تدارڪ جي لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جي ڪابينا منظوري ڏئ?? ڇڏي آه??، ان سان نه رڳو ماحولياتي آلودگي جي خاتمي ۾ مدد ملندي پر عوام کي سستي ٽرانسپو??ٽ جي سهولت ملندي، فيول جي مد ۾ ٿيندڙ خرچن ۾ گهٽتائين اي??دي، مٽاسٽا جي ناڻي جي بچت ٿيندي، نئين صنعت کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ 3 هزار کان وڌيڪ بند پيل سي اي?? جي اسٽيشنن کي اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنن ۾ تبديل ڪنداسين. پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ب??بت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.