اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ??اب??نا گرمي جي ايندڙ موسم ۾ ڊينگي جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪجهه ضروري دوائون ڀارت کان درآمد ڪرڻ جي هڪ ڀيري جي اجازت جي تجويز رد ڪري ڇڏي جڏهن ته کنڊ جي معاملي جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي کي پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن آف انڪوائري جا اختيار ڏيڻ، هر سال پروف آف ليونگ (زندهه هجڻ جو ثبوت) جي ڏس ۾ نادرا جي بايوميٽرڪ ويريفڪيشن نظام کي لاڳو ڪرڻ، وفاقي گادي واري شهر جي حدن ۾ م??جود ادارن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي جاين لاءِ اسلام آباد ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن جي ڪوٽا 50 سيڪڙو ڪرڻ، مختلف ادارن ۾ م??ررين جي منظوري ڏيندي، سيڙپڪا??ي بورڊ جي چيئرمين زبير گيلاني جي استعيفيٰ منظور ڪئ?? وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ??اب??نا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ??اب??نا وفاقي ملازمن ??اران پگهارن ۾ اضافي جي مطالبي جو پڻ جائزو ورتو. ??اب??نا کي ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتن پاران روايت جي ابتڙ ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويو جنهن سان صوبائي ۽ وفاقي سطح تي پگهارن ۾ فرق موجود آهي جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي لاءِ پنهنجا مطالبا پيش ڪرڻ جو هڪ طريقو قانون ۾ م??جود آهي جنهن جي پاسداري انتهائي ضروري آهي.