اسلام آباد – 14 ??ار?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام حڪ??مت پاران جاري ڪيل حفاظتي هدايتن تي عمل ڪري، احتياط جيتوڻيڪ لازمي آهي پر ڊڄڻ جي قطعي ضرورت نه آهي، صحت جي عالمي اداري ڪرونا وائرس جي حوالي سان اسان جي ڪوششن کي ساراهيندي انهن کي دنيا ۾ بهترين قرار ڏنو ??هي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪرونا وائرس جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن جي آئون پاڻ ذاتي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ جلد ??وهان سا?? مخاطب ٿيندس.