اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پا??ستان ۾ مقرر افغانستان جي سفير شڪر الله عاطف مشا?? ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، خطي ۾ امن جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اسپيڪر افغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پا??ستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، ثقافت ۽ پا??يسري جي مضبوط بنيادن ??ي هموار آهن، سرحد جي ٻنهي طرف عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو رشتو ڏٺو ويندو آهي، اسپيڪر چيو ته پا??ستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ جو خواهشمند آهي، پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ اڻٽر آهي، پا??ستان خطي ۾ عالمي پارٽنرز سان گڏجي افغانستان ۾ پائيدار امن جي قيا?? لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي پا??ستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پا?? افغان واپار سبب ٻنهي ملڪن کي فائدا حاصل ٿيندا.