اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، ان ڏينهن کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهايو پي?? وڃي، ڪشمير جا ماڻهو غاصباڻي فوجي طاقت مان ڇوٽڪارو چاهين ٿا، عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته هو ڪشمي?? مان نڪري وڃي. هن چيو ته سينيٽ جو اجل??س طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ هڪ رٿ پيش ڪندس، اجلاس ۾ ڪشمير کانسواءِ ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، سينيٽ اجلاس جي ٽي نقاطي ايجنڊا آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي خ??دمختياري جو حق ڏن?? وڃي، ڀارت ڪشمي?? مان نڪري وڃي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ اسان جي آخري منزل ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي، ان ڏس ۾ اسلام آباد جي ڪشمير هاءِ وي جو نالو ت??ديل ڪري سري نگر هاءِ وي رکيو ويو آهي.