اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي آزادي جي 73 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قائداعظم جي پ??ڪستان جي طرف اسان جو سفر ??روع ٿي چڪو آهي، هي اهڙو پاڪستان هوندو جتي سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر هوندا، قانوني سڀني جي لاءِ هوندو ۽ پاڪستان هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻجندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته قوم کي ان ڳالهه تي به مبارڪباد ڏيان ٿو ته ماضي جي حڪومتن کان توانائي جو شعبو جيڪو اسان کي تباهه ٿيل مليو ان ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته ڊگهين ڳالهين کانپوءِ اسان آءِ پي پيز سان هڪ نئون معاهدو ڪيو آهي جنهن سان بجلي جي قيمت به گهٽ ٿيندي ۽ گردشي قرضن جو مسئلو به حل ٿيندو، هن چيو ته اسان جو ايندڙ هدف بجلي جي ورڇ جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ آهي، وزيراعظم ڪشمير ۾ ڀينرن، ڀائرن جي نالي پيغام ۾ چيو ته پوري پ??ڪستاني قوم خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي، ڀارت جي غير قانوني قبضي ۽ ظالماڻي قد??ن جي خلاف اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر طرح سان حمايت جاري رکنداسين.