اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. آزاد ڪشمير، گلگت ??لت??ت??ن ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مر??ض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل ??ڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 93 ڪورونا جا مر??ض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 726 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ مر??ضن جو تعداد 2 لک 86 هزار 157 ٿي چڪو آهي. اڱاري ڏينهن اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 330 مر??ضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مر??ض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 521 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 9 هزار 384، پنجاب ۾ 8 هزار 907، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 202، اسلام آباد ۾ 2 هزار 253، بلوچستان ۾ 292، گلگت ??لت??تان ۾ 351، آزاد ڪشمير ۾ 132 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مر??ضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 233 ٿي چڪو آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 333، بلوچستان ۾ 13 هزار 321، گلگت ??لت??تان ۾ 3 هزار 41، اسلام آباد ۾ 15 هزار 762، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 663، پنجاب ۾ 97 هزار 306 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 807 مر??ض آهن.